نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر

نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر: مشهور عالم، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جو جنم حاجي محراب خان شر جي گھر ۾ ڳوٺ مولابخش شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور سنڌ ۾ 17 آڪـٽوبر 1956ع تي ٿيو. سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت مدرسه صبغة الهدى شاهپور چاڪر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ، عالم ۽ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي زيرنگراني ٿي. ان کانپوءِ کيس مدرسه صبغة الفيض سومر فقير هنڱورو، شهدادپور ۾ داخل ڪيو ويو، جتان درس نظامي جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد دستور موجب جامعه راشديه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ مان دستار فضيلت ۽ سند حاصل ڪري، سڪندري عالمن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. ان سان گڏ هن سڪندريه اورينٽل ڪاليج صبغة الفيض شهدادپور مان ثانوي ۽ اعلى ثانوي بورڊ حيدرآباد سنڌ جا مولوي، عالم ۽ فاضل عربڪ جا امتحان پاس ڪيا. ان کانپوءِ پاڻ صبغة الهدى شاهپور چاڪر ۾ تدريس سان علمي خدمتون به سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ علامه مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ سان گڏ تحرير ۽ تصنيف جو ڪم پڻ شروع ڪيائين. اتان ئي سندس ادبي سرگرميون شروع ٿيون ۽ صداءِ وطن پبليڪيشن، مدرسه صبغة الهدى، شاهپور چاڪر جي پليٽ فارم تان اشاعتي سلسلي کي جاري ڪيائين. ان کانپوءِ ان مفتي صاحب جي سهڪار ۽ سرپرستيءَ ۾ ماهوار ’الهدى‘ رسالو شروع ڪيو، جيڪو ڳچ عرصي تائين جاري رهيو، جنهن ۾ هن ايڊيٽر جي حيثيت سان علمي، ادبي، تحقيقي، سماجي ۽ ديني موضوعن تي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ اداريا لکي پاڻ مڃرايو. ان دوران هن وڏي جاکوڙ ۽ همت ڪري پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جن جي سوانح حيات ۽ مڪتوبات تي تحقيق ڪري ڊاڪٽر غلام مصطفى قاسميءَ جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان تحقيقي مواد کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو.ان کانسواءِ ڊاڪٽر نذر حسين، علامه مفتي
احمد يار خان نعيمي جي مشهور عقائد تي مشتمل اردو ڪتاب ’جائل الحق‘ جو سنڌي ترجمو ڪري شايع ڪرايو. تفسير ڪوثر شاهه مردان شاهه جي نئين سر پراڻيءَ سنڌيءَ مان جديد سنڌيءَ ۾ ٽرانسليشن، پروف ريڊنگ ۽ اشاعتي مرحلن ۾ به مفتي عبدالرحيم سڪندري صاحب سان ڊاڪٽر صاحب جي ڀرپور محنت شامل رهي. سندس مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ کانسواءِ ٻه ٻيا ڀائر به سڪندري عالم ۽ فاضل آهن. علامه عبدالغفور سڪندري رٽائر عربي ٽيچر آهي ۽ علامه ڊاڪٽر مولا بخش سڪندري ڪراچيءَ ۾ پروفيسر هجڻ سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر نذر حسين هن وقت پير سيد صبغة الله شاهه شهيد ڊگري ڪاليج، سانگھڙ ۾ پروفيسر آهي ۽ گڏوگڏ جميعت علماءِ سڪندريه پاڪستان جو تا حيات ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.17  عيسوي

مشهور عالم، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نذر حسين سڪندريءَ جو جنم حاجي محراب خان شر جي گھر ۾ ڳوٺ مولابخش شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور سنڌ ۾ 17 آڪـٽوبر 1956ع تي ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن تيميه
عبدالاحد مير
عبدالله لغاري مولانا
ابڙو اضعف ھالائي
عبدالقيوم ميراڻي پروفيسر ڊاڪٽر
نور محمد حسيني پتافي مولوي
سيد عبدالرحيم شاهه سجاولي
پوراني جلال الدين بايزيد
اي ٽي شهاڻي
شريف المجاهد پروفيسر
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون